انگي حساب 22

انگي حساب: هيءُ ڪتاب محمد اسماعيل عرساڻيءَ ۽ ساٿين جو گڏجي لکيل آهي، جيڪو درجي ٽئين لاءِ لکيو ويو. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 127 صفحا آهن ۽ قيمت 15 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان سال 1953ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1956ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو